ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ

ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ

شيخ عبدالحفيظ ڊاڪٽر

شيخ، عبدالحفيظ، ڊاڪٽر: اقتصادي ماهر ۽ ناڻي کاتي جو اڳوڻو وفاقي وزير، ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، ڊسمبر 1954ع، جيڪب آباد ۾ ڄائو. سندس والد عبدالنبي شيخ هڪ جهونو سياستدان ۽ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ سنڌ جو نائب صدر هو. سندس والده شهيد الهه بخش سومري جي ڌيءَ آهي. حفيظ شيخ پنهنجي 9 ڀائرن ڀينرن مان ٻئي نمبر تي آهي. هن ابتدائي تعليم جيڪب آباد مان ورتي ۽ پوءِ ڪراچيءَ جي مختلف اسڪولن مان پڙهي، ڪراچي يونيورسٽيءَ مان بي.اي (آنرز) ڪيائين، جنهن بعد فورڊ فائونڊيشن اسڪالرشپ تي بوسٽن يونيورسٽيءَ مان ڊولپمينٽ اڪانامڪس جي مضمون ۾ ماسٽرس ۽ بعد ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪيائين. ڪجهه عرصو هن هارورڊ انسٽيٽيوٽ آف انٽرنيشنل ڊولپمنٽ ۾ استاد جي حيثيت ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون، جنهن بعد ورلڊ بئنڪ ۾ مقرر ٿيو ۽ ڪافي عرصو سعودي عرب جو ’ڪنٽري ڊائريڪٽر‘ رهڻ بعد دنيا جي 16 مختلف ملڪن ۾ ورلڊ بئنڪ لاءِ خدمتون سرانجام ڏنائين. عبدالحفيظ شيخ 2000ع کان2002ع واري عرصي ۾ سنڌ حڪومت جو ناڻي کاتي جو وزير به رهيو. هن پنهنجي دور ۾ سنڌ جي اقتصادي معاملن کي بهتر انداز ۾ حل ڪرايو. هن ٽيڪس کي گهٽ ڪرائي، روينيو اُپت کي وڌايو ۽ حڪومت جا بين الاقوامي فلاحي ادارن سان لاڳاپا مضبوط ڪرايا. فيبروري 2003ع ۾ کيس سرڪاري ڌر جي اميدوار طور سنڌ مان سينيٽر طور چونڊيو ويو. ناڻي واري وفاقي وزير جي حيثيت ۾ هن پاڪستان ۾ نجڪاري ۽ سرمائيڪاريءَ وارين حڪومتي پاليسين کي ترقي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. هن جي دور ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري هڪ بلين ڊالرن مان وڌي پنجن بلين ڊالرن کي پهتي. 2004ع ڌاري سندس خدمتن عيوض کيس Man Of The Year جي اعزاز سان نوازيو ويو. حفيظ شيخ ملڪي توڙي غير ملڪي ادارن ۾ اهم عهدن تي رهيو آهي، جن ۾ هارورڊ يونيورسٽي، ڪئمبرج يونيورسٽي ۽ ورلڊ بئنڪ شامل آهن. هي 21 ايشيائي، آفريڪي، يورپي ۽ لاطيني آمريڪي ملڪن جي مسئلن بابت سينيئر صلاحڪار ۽ پاڪستاني سينيٽ جو ميمبر به رهي چڪو آهي. حفيظ شيخ، 19 مارچ کان 4 جون 2010ع تائين وزيراعظم جو ناڻي، روينيو، معيشيت جي مسئلن، اسٽئٽڪس پلاننگ ائنڊ ڊيولپمينٽ شعبن جو صلاحڪار پڻ رهيو. 5 جون 2010ع تي ٻيهر کيس ناڻي جو وفاقي وزير مقرر ڪيو ويو. 2011ع ۽ 2012ع واري بجيٽ به سندس پيشوراڻي مهارت سان تيار ٿي. هن وقت ملڪ کان ٻاهر پنهنجي پيشوراڻي زندگيءَ ۾ مصروف آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو